جميعت علماء اسلام سکر پاران کير ٿر ۽ ٻين ڪئنالن تي 16 مسجدن کي شھيد ڪرڻ واري عمل خلاف تحفظ مسجد ڪميٽي قائم ڪري ورتي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) جميعت علماء اسلام سکر پاران کير ٿر ۽ ٻين ڪئنالن تي 16 مسجدن کي شھيد ڪرڻ واري عمل خلاف تحفظ مسجد ڪميٽي قائم ڪري ورتي مسمار ڪيل  مسجدن جي تعمير ۽ حفاظت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ان سلسلي ۾ جمعي ڏينهن جي يو آء ضلعي سکر طرفان  کير ٿر ڪئنال تي مسمار ڪيل تاريخي مسجد محمدي  امروٽي ۾ جمعي جو خطبو  پڙھڻ بعد جمعي جي نماز جي يو آء جي صوبائي اڳواڻ  مولانا عبد القيوم هاليجوي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شھرين سميت جي يو آء ڪارڪنن جي وڏي انگ شريڪ ٿيو نماز ادا ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو  به ڪيو يو  مظاهرين کي زطاب ڪندي مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۔مولانا  محمد صالح انڍھڙ۔مفتي سعود افضل هاليجوي جو چوڻ ھوته مسجد محمدي انگريزن جي دور کان به اڳ ۾ ٺاهي وئي ڪئنال ٺاهڻ وقت به  انگريزن مسجد کي شھيد نه ڪيو هو پر آبپاشي کاتي عدالتي حڪم جي آڙ ۾ تاريخي مسجد سميت ٻيون مسجدون  شھيد ڪيون اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شھيد ڪيل مسجدن جي فوري طور تعمير ڪئي  وڃي ٻي صورت ۾ جي يو آء طرفان مسجدن جي تعمير ڪئي ويندي

Read Previous

روهڙي : ڇوھارا مارڪيٽ جي رھواسڻ عورت مائٽن سان گڏ ڏيرن ۽ روھڙي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Read Next

توهين رسالت، فرانس خلاف ڀرياروڊ جا سياسي سماجي، مذهبي ڌرين، دوڪاندار، صحافي، اسڪولن جا شاگرد، استاد اڳواڻ ۽ هزارن جي تعداد ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا

Most Popular