افغان صوبي نيمروز ۾ طالبان جو حملو، ٽي اهلڪار مارجي ويا ڇهه زخمي

ڪابل:  افغانستان ۾ طالبان جي حملي ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.  پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغان صوبي نيمروز ۾ طالبان طرفان چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ويو. حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حملي جي فوري بعد سيڪيورٽي فورسز جو وڏو انگ موقعي تي پهچي ويو ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي.  طالبان طرفان حملي جي ذميواري قبول ڪئي وئي آهي. ٻه ڏينهن اڳ افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ راڪيت حملن سبب 8 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 34 زخمي ٿي پيا هئا. افغان ميڊيا موجب راڪيٽ حملن ۾ ڪابل جي چهل ستون ۽ ارزان قيمت جي علائقن کي نشانو بنايو ويو هو.  ڪابل ۾ راڪيت حملن کان اڳ مختلف هنڌن تي 2 ڌماڪا به ٿيا  جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو هو ۽ 3 زخمي ٿي پيا هئا. پاڪستان، ترڪي ۽ آمريڪا طرفان افغانستان ۾ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي هئي.  ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ طالبان جي حملي سبب 12 پوليس اهلڪار مارجي ويا هئا. افغان ميڊيا موجب طالبان بدخشان جي ضلعي جوروم ۾ حملو ڪيو  هو.

Read Previous

وفاقي حڪومت 26 نومبر کان سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ڪورونا ۾ واڌ: حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

Most Popular