ڪورونا ۾ واڌ: حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

حيدرآباد:  ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کان 5 ڊسمبر تائين علائقا سيل رهندا. حيدرآباد جي علائقي بلديه، ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني ۽ گلستان فاطمه ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ڪوهسار دامن، ايئرپورٽ روڊ، نسيم نگر، قاسم آباد ۽ ڀٽائي نگر جا علائقا به بند رهندا.  اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران ميڊيڪل اسٽور، اسپتال مڪمل کليل رهندا. ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس سبب 34 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 7 هزار 696 ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 76 هزار 696 ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 76 هزار 929 ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 756  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ هڪ لک 14 هزار 508، سنڌ ۾ هڪ لک 63 هزار 329، خيبرپختونخواهه ۾ 14 هزار 599، بلوچستان ۾ 16 هزار 810، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 542، اسلام آباد ۾ 27 هزار 18 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 123 ڪيس رپورٽ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 52 لک 16 هزار 955 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 هزار 929 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 3 لک 30 هزار 885 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 677 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 34 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 7 هزار 696 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 2 هزار 861، سنڌ ۾ 2 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 327، اسلام آباد ۾ 279، بلوچستان ۾ 161، گلگت بلتستان ۾ 95 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 144 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.

Read Previous

افغان صوبي نيمروز ۾ طالبان جو حملو، ٽي اهلڪار مارجي ويا ڇهه زخمي

Read Next

پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ دڪانون ڇهين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular