سجاول ۾ غيرقانوني مسافر پکين جو شڪار ڪرڻ خلاف وائلڊ لائف ٽيم ڪاروائي شروع ڪري ڇڏيو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ غيرقانوني مسافر پکين جو شڪار ڪرڻ خلاف وائلڊ لائف ٽيم ڪاروائي شروع ڪري ڇڏيو.سجاول ضلعي جي مختلف ڌنڍن تي ڇاپا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا.وائلڊ لائف طرفان سجاول ضلعي جي انچارج مختيار شاه شيرازي جي اڳواڻي ۾ ٽيم تشڪيل ڏئي مسافر پکين جو شڪار ڪندڙن خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڏنيون.سجاول کان چوھڙجمالي،جاتي ويندڙ روڊن تي ڪاروايون ڪري مسافر پکين جي شڪار لاء ٻڌل رڇ،ڪيسٽون ۽ شڪار ٿيل 30 پکي ھٿ ڪري ورتا.شڪار ٿيل پکين کي سنڌ جي ٽي نمبر تي وڏي ڍنڍ ھاليجي ڍنڍ ۾ رکي ڇڏيو.گيم انسپيڪٽر مختيار شاه شيرازي ٻڌايو ته وائلڊ لائف طرفان پکين جي شڪار تي پابندي لاڳو ٿيل آھي.سجاول ضلعي ۾ مسافر پکين جو شڪار ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪري رھيا آھيون.شڪار لاء استعمال ٿيندڙ سامان ۽ 30 پکي ھٿ ڪري ڇڏيا آھن.جيڪي پکي سنڌ جي ٽي نمبر تي وڏي ڍنڊ ھاليجي ۾ تاري ڇڏيا آھن.مسافر پکين جو شڪار ڪنھن به صورت برداشت نه ڪنداسين.

Read Previous

شاهد آفريدي لنڪا پريميئر جي ٽيم ”گال گليڊي ايٽرز“ جو ڪپتان بڻجي ويو

Read Next

ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي منڇر ڍنڍ جيڪي ھاڻي زهريلي پاڻي ۾ تبديل ٿي وئي آهي

Most Popular