ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي منڇر ڍنڍ جيڪي ھاڻي زهريلي پاڻي ۾ تبديل ٿي وئي آهي

محمد حنيف شاھاڻي:  ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي  منڇر ڍنڍ جيڪي ھاڻي زهريلي پاڻي ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۔ان جي بحالي لاء ۽ منڇر جي ملاحن جي بنيادي سهوليتن اڻ ھوندي لاء ھيومن رئيٽس پروٽيڪشن فورم آف پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين محترم محبوب علي چانڱ صاحب جي حڪمن تحت عبدالخالق ميمڻ صدر هيومن رائيٽس ڀان سيد آباد پنهنجي ٽيم ۽ صحافي ساڻ ڪري منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ پهچي مقامي ملاحن سان ملاقات ڪري سندن مسئلن ۽ تڪليفن جي ڄاڻ ورتي  ملاحن دانهيندي ٻڌايو ته RBOD جي زهريلي پاڻي منڇر ڍنڍ کي تباه ڪري هزارين ايڪڙ زمين بنجر ڪري اسان کي بيروزگار ڪري بک ۽ بد حالي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي ۔زيرو پوائنٽ تي اٽڪل 500 ڱهر7 پيڙهين کان رهائش پزير آهيون۔بنيادي سهوليتن۔جو کان محروم آهيون، پيئڻ جي پاڻي نه هئڻ سبب مجبورن زهريلو پاڻي استعمال ڪرڻ سان لا تعداد بيمارين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۔هتي ڪو ٻارڙا يا عورتون بيمار ٿين ٿيون تہ ان کي ڀان سيد آباد يا سيوهڻ شريف کڻائي وڃڻو پوي ٿو اڱر اسپتال پهتو نه ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ٿي وڃي ٿو ۔هتي اسڪول نه هجڻ سبب اٽڪل 300 ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آھن۔هنن وٽ مسجد وغيره به ڪون آهي جو پنج وقت نماز جي ادائيڱي ڪري سگهن ۔ هيومن رائيٽس جي منشور مطابق غريب مسڪين بي سهاري مسڪين جي مدد لاء آسان جي فورم طرفان هنن  بي پھچ ماڻھن جو  آواز ڏک ۽ تڪليفون اقتداري ايوان ۾سڱهاري ڌزين تاء سندن داد رسي تاء جدوجهد جاري رکڻ جو پڪو پھ  ڪيو۔ آخر ۾  حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مسڪين ملاحن جا مسئلا حل ڪيا وڃن….

Read Previous

سجاول ۾ غيرقانوني مسافر پکين جو شڪار ڪرڻ خلاف وائلڊ لائف ٽيم ڪاروائي شروع ڪري ڇڏيو

Read Next

ڀان سيدآباد ۾ شراب ۽ منشيات جو ڪاروبار سرعام بغير لائسن جي شراب وڪرو ٿيڻ لڳو

Most Popular