ٽائون ڪميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ٽائون آفيسر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز(ڊ ر)  ٽائون ڪميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ٽائون آفيسر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو. ٽائون ڪميٽي جي ڪلرڪ يونين پاران وڌيل پگھارون ۽ ڊفرنس نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙ ملازم مطالبن جي حق ۾ نعره ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن معشوق چاچڙ، ساجد تڳر ۽ ٻين چيو ته ريگيولر ملازمن کي پگھارون به وقت تي نه ٿيون ڏنيون وڃن. ملازمنن کي وڌايل 10 سيڪڙو پگھارون ۽ ڊفرنس نه ٿو ڏنو وڃي. جنھن ڪري ملازم معاشي مسئلن جو شڪار آھن. ھنن چيو ته  جيڪڏهن فوري طور جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

پڊعيدن : ڳوٺ عبدالحڪيم راڄپر ۾ 2 نوجوان اعجاز حسين ۽ نور احمد راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار غفار ماڇي اڃا تائين گرفتار نه ٿيو

Read Next

حڪمران ڪورونا وائرس کي اپوزیشن جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن پي ڊي ايم جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي : مولانا اعظم جهانگيري

Most Popular