پڊعيدن : ڳوٺ عبدالحڪيم راڄپر ۾ 2 نوجوان اعجاز حسين ۽ نور احمد راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار غفار ماڇي اڃا تائين گرفتار نه ٿيو

نوشهروفيروز (ڊ ر) پڊعيدن لڳ ڳوٺ عبدالحڪيم راڄپر ۾ هڪ مهنيو اڳ 2 نوجوان اعجاز حسين ۽ نور احمد راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار غفار ماڇي اڃا تائين گرفتار نه ٿيو، پوليس بهانا بڻائي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي، مقتول نوجوانن جي وارثن جو پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاج، ڪورٽ سڳوري کان انصاف جو مطالبو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن مقتول نوجوان نور احمد راڄپر جي والد نور محمد راڄپر، اعجاز حسين جي والد ذالفقار علي راڄپر ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته پڊعيدن ٿاڻي جو ايس ايڇ او جوابدارن کان رشوت وٺي کيس ڪچي ضمانت جو موقعو فراهم ڪيو آهي اسان ڪيتري عرصي کان دانهيندا پيا اچون ته قتل جي مک جوابدار غفار ماڇي جي ڪچي ضمانت رد ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي پر پڊعيدن پوليس مختلف بهانا ڄاڻائي مک قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتولن جي مک قاتل غفار ماڇي کي گرفتار ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هو ڏوهار قسم جو ماڻهو آهي جيڪو اسان کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ڪورٽ سڳوري سندس ڪچي ضمانت رد ڪري ۽ پوليس کيس گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياري.

Read Previous

پي ايم سي اسپتال نوابشاھ جو ايم ايس ڊاڪٽر آصف رضا بروھي تمام بھترين ڪم ڪري رھيو آھي

Read Next

ٽائون ڪميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ٽائون آفيسر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو

Most Popular