ميلو گجو شھر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف جنگشاھي روڊ سندس آخري آرامگاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي

ٺٽو(رپوٽ يارمحمد ميربحر)جنگشاھي لڳ درگاھ حضرت سيد امير شاھ جيلاني پوٽو پير عبدالقادر جيلاني رحمت اللہ عليه جن جو ساليانو عرس مبارڪ ميلو گجو شھر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف جنگشاھي روڊ سندس آخري آرامگاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، جنھن جو افتتاح درگاھ جي خدمتگار غلام قادر جوکيو، سندس فرزند صدام حسين جوکيو، خادم حسين جوکيو پاران پنھنجي مريدن سان درگاھ تي چادرون چاڙھي ڪيو،  محفل واعظ کي مولوي محمد فضل الله جنگشاھي وارا، مولوي علي حسن حسيني ھاليچي وارا، مولوي غلام مصطفي جوکيو، حافظ غلام مصطفي جت جاتي وارن خطاب ڪرڻ سان گڏ نعت خوان محمد حنيف جوکيو حسيني نعت شريف پڙھڻ جي سعادت ماڻڻ سميت محفل مولود شريف ۾ مولودي وڏيرو آمون جوکيو، درياء خان شورو، حاجي صديق شورو، جسڪاڻي ۽ سندن ساٿين مولود شريف پڙھڻ جي سعادت ماڻي، جڏھن تہ ملھ ملاکڙو ملھ پھلوان محمد عيسي صابرو، سومار بڪيرو، محمد بخش کوسو ۽ حاجي ميرحسن جوکيو جي نگراني ۾ جاري آھي، جنھن ۾ اتر ۽ لاڙ جي ملھ پھلوان محمد بخش کوسو، بشير چاچڙ، غلام نبي شيدي، جان محمد لنڊ، قائم جوکيو، عبدالغني سمون، عبدالرزاق ملاح، گلدستو خاصخيلي، حليم خان پٺاڻ، بوسڪي مينگل ۽ ٻين زور آزمائي ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ميلي ۾ ننگر نياز پڻ جاري آھي، ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آھن. صحافين سان ڳالھائيندي درگاھ جي خدمتگار غلام قادر جوکيو چيو تہ ميلو ھن واري ڪرونا وائرس سبب 5 ڏينھن بجاء 2 ڏينھن ڪيو ويو آھي، جيئن ھن ميلي کي سادگي سان ملھائي اختتام پذير ڪري سگھجي. ھن چيو تہ ميلي ۾ واعظ شريف، نعت شريف، مولودن جي محفل سان گڏ روزانو شام جو ملھ ملاکڙو جاري آھي، جنھن ۾ اتر ۽ لاڙ جا ملھ زور آزمائي ڪري رھيا آھن.ھن چيو تہ سنڌ سميت پوري ملڪ کان پانڌيئڙن جي اچڻ جو سلسلو جاري آھي.

Read Previous

خيرپور : اسڪارپ ڪالوني ۾ ڪرپشن ۽ انڪروچمينٽ جي نالي تي رھائشي ملازمن کي تنگ ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به بک ھڙتال جاري رکي وئي

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular