خيرپور : اسڪارپ ڪالوني ۾ ڪرپشن ۽ انڪروچمينٽ جي نالي تي رھائشي ملازمن کي تنگ ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به بک ھڙتال جاري رکي وئي

خيرپور (ڊر) اسڪارپ ڪالوني ۾ ڪرپشن ۽ انڪروچمينٽ جي نالي تي رھائشي ملازمن کي تنگ ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به بک ھڙتال جاري رکي وئي، ڪيمپ تي جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر ڳالھائيندي چيو ته اسڪارپ کاتو مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي چڪو آھي، ٽيوبويل مڪمل بند ھجڻ ڪري خيرپور ضلعي ۾ سم ۽ ڪلر وڌي ويو آھي، پاڻي کارو بڻجي ويو آھي، عملدارن ٽيوبويلن جي زمينون وڪرو ڪيون ويون آھن، ڪالوني ۾ ڊرينج جو سسٽم مڪمل تباھ آھي، انجنيرن ڪرپشن ڪري ڪاغذ جو پيٽ ڀري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا آھن ۽ اسڪارپ کاتي ۾ جعلي نوڪرين جا آرڊر ڪڍي لکين رپين ۾ وڪرو ڪيا آھن پر انھن کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آھي، اسان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي تحريڪ جو نوٽيس ورتو وڃي، جڏهن ته بک ھڙتالي ڪيمپ تي خرم مھيسر، راشد لاشاري، غفور سومرو، ڊرينج يونين جا اڳواڻ دين محمد شاھ، شاڪر مسرو مھيسر ۽ ٻين پھچي حمايت ڪئي.

Read Previous

خيرپور : هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي خيرپور ۾ حددخلين خلاف آپريش تيز، ڪيترائي گهر، دوڪان، هوٽل ڇپرا ڊاهي پٽ

Read Next

ميلو گجو شھر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف جنگشاھي روڊ سندس آخري آرامگاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي

Most Popular