ڇا هاءِ ڪورٽ جو اهو حڪم آهي ته وڃو الله سائين جا گهر مسجدون ۽ امام سان منسوب امام بارگاهون ڊاهي پٽ ڪيو ? نہ قطعي نہ!!!

تحرير :عبدالغفار اوڍاڻو

ڪورٽ الله جي گهرن کي ڊاهڻ جو حڪم نٿي ڏئي سگهي انڪروچمنٽ جي بهاني سان مسجدون، امام بارگاهون ڊاهڻ سان حڪومت ڪنهن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ان جي طرف توجه ڪرڻ گهرجي
مساجد ۽ امام بارگاهن کان علاوه جيڪڏهن انڪروچمنٽ کي هٽائڻ جي لاءِ ڪورٽ سڳوري جو حڪم آهي ته سر اکين تي قبول آهي، يقينن قانون سڀني جي لاء هڪ جهڙو هجي ڪجھ عرصو پھريان واهن تان حد دخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو هو جنهن ۾ غريبن جي گهرن کي پٽ ڪري کين بي گهر ته ڪيو ويو ھو پر اميرن جا هوٽل اتي ئي واهن جي ڪپ تي تا حال موجود ۽ ساڳي حالت ۾ برقرار قائم ۽ دائم آهن مجال آهي جو اتي انتظاميا کي حد دخلين يا انڪروچمنٽ وارو قانون ڪو ذهن تي ياد به اچي باقي غريبن جا گهر، مسجدون ۽ امام بارگاھون ڊاهڻ جي لاءِ هنن جي اڳيان قانون جا ڪتاب پاڻ مرادو کلي ٿا وڃن ان کان علاوه جيڪڏهن توهان کي قانون جي پاسداري ڪرڻي آهي روڊن ۽رستن تان حد دخليون هٽرائڻ چاهيو ٿا ته سڀني کي هڪ نظر سان ڏسي هڪ جهڙي ماپ رکي حد دخلين کي هٽرايو وڃي جئين ڪنهن غريب يا امير ۾ فرق نه رهي ۽ ڪنهن جي دل آزاري به نٿي ائين ڪرڻ سان قانون جي بالادستي به قائم رهندي جيڪڏهن حد دخليون هٽائڻ وارا هڪ دڪان کي پنجاھ فٽ ڊاهي پٽ ڪندا ۽ ٻئي دڪان کي ويھ فٽ ڊاهيندا ته اهو ڪم ٻہ اکيائي تي مشتمل هوندو ۽ قانون جون ڌڄيون اڏارڻ جي مترادف هوندو قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو هوندو آهي قانون ۾ امير غريب اوچ نيچ جو ڪوبه فرق ناهي اگر اوهان واقعي قانون موجب انڪروچمنٽ هٽائڻ ڇاهيو ٿا ته شهر مان پهرين دڪان کان وٺي آخري دڪان تائين هڪ ماپ ۾ حد دخليون هٽرايو ۽ سڀني کي هڪ نظر سان ڏسو ان کان علاوه اسان جو ملڪ هڪ اسلامي ملڪ آهي اسلام جي نالي تي آزادي حاصل ڪئي وئي آهي ان لحاظ کان اسلام ۾ مقدسات جو احترام ڪرڻ ايمان جو جز شمار ٿئي ٿو ڪهڙي به مسلڪ جي مسجد هجي يا امام بارگاھ هجي ان جو احترام اولين ترجيح ۾ شامل هجڻ گهرجي انڪروچمنٽ جي نالي تي مقدسات جي توهين ڪرڻ اسلام ۽ مسلمانن سان غداري جي ذمري ۾ اچي ٿو ، جيڪي مقدسات جي ذمري ۾ اچن ٿيون اهي مسجدون هجن چاهي امام بارگاهون هجن اهي سڀ مقدس ۽ پاڪ گهر آهن انهن کي عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو وڃي هنن کي انڪروجميٽ جي بهاني ڊاهڻ اها اسلام دشمني تصور ڪئي ويندي جيڪڏهن اهي مسجدون ۽ امام بارگاهون ڪنھن مخصوص فرد جي ذاتي ملڪيت تي غصبي ٺهيل هجن ها ته پوءِ غصبي جڳھ تي الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ جائز نه آهي بلڪل سراسر غلط آهي پر جيڪڏهن اهي عبادتگاهون سرڪاري زمين تي ٺهيل آهن ته يقينن اسان جي وطن عزيز پاڪستان جي سرڪار اسلامي رياست /سرڪار آهي اسلامي اسٽيٽ آهي اهو سرڪار تي به فرض عائد ٿئي ٿو ته مسلمانن کي عبادت جي لاءِ اگر جڳھ ناهي ته اسلامي حڪومت طرفان مسلمانن کي عبادت جي لاءِ جڳھ فراهم ڪئي وڃي
سکر کان پوءِ انڪروچمنٽ جي نالي تي لاڙڪاڻي ۾ غريبن سان ويڌنن جون تياريون ٿي رهيون آهن روٽي ڪپڙا اور مڪان جا نعرا هڻڻ وارا ڇو خاموش آهن سٺو ڪپڙو غريب جي پهچ کان پري آهي ماني کي تمام مهانگو ڪيو ويو آهي باقي رهيل آهي غريب کي جهڙو تهڙو گهر جنهن کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي

Read Previous

بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

Read Next

ڪورونا جي ٻئين لهر ء غريب عوام

Most Popular