ڪورونا جي ٻئين لهر ء غريب عوام


دلبر شاهد

ڪورونا جي پهرئين لهر م ميڊيا جي اک سان لاڙڪاڻي م بکايل عوام جون دانهون ٻڌڻ سان گڏ ڪڏهن ڪنهنجي مدد ته ڪڏهن ڪنهن جي ڪوريج ڪئي هئي پر حقيقت جي ڳالھ ڪيان ته جيڪي مستحق ڪونه هيا انهن گهڻو فائدو ورتو باقي سفيد پوش مستحق ويچارا گهرن م بکن تي ويٺا رهيا حڪومت سنڌ به راشن پنهنجي من پسند ماڻهن تائين پهچايو ء ايم پي اي ايم اين اي به اهڙو ئي عمل ڪيو باقي مستحق عوام سفيد پوش هٿ ٽگهڻ کان بهتر بک کي اهميت ڏني روزگار تباه ٿي ويا تعليم جو ٻيڙو به ٻڏي ويو پر اهو به غريب عوام جي ٻچن جو امير ته وڏن اسڪولن م ء آلات ذريعي تعليم آن لائن به پڙهي پيو پهرين لهر عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو ته وري مٿان ٻئين لهر اچي وئي هاڻي اعلان ٿي ويو ته 6 صبح کان شام 6 بجي تائين دوڪان لکيل هوندا پوء بند ڪرڻ جا پابند رهندا حڪومت نوٽيفڪيشن ته اهو جاري ڪري ڇڏيو پر اها سوچ ڪونه رهي ته جيڪو غريب دوڪاندار آهي اهو ان پابند هئڻ جي ڪري ڪيترو ڪمائيندو ء گهر جو چرغو ڪيئن هلائيندو ء تعليم جي ڪيتري تباهي ايندي ء غريب عوام جو ٻار تعليم حاصل ڪيئن ڪندو ان کان پوء اگر وائرس زور وٺي ٿو ته پهرئين لهر کان به وڏي معيشت تباه ٿيندي ڇوجو جت سياستندان لٽيرا ٺڳ هجن ته پوء اتان جي عوام جا حق انهن کي ڪٿان ملندا ان ڪري هن ٻئين لهر کي منهن ڏيڻ لاء پاڪ آرمي کي اڳتي اچڻ گهرجي ء ملڪ بند ء تعليمي ادارا بند ڪرڻ بجاء ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن سفيد پوش مستحق ٿيڻ بکون ڪاٽڻ بجانء پنهنجن ٻچن کي روزي ڪري بکن کان بچائي ء غريب مسڪين عوام جا ٻار تعليم کي جاري رکي سگهن

Read Previous

ڇا هاءِ ڪورٽ جو اهو حڪم آهي ته وڃو الله سائين جا گهر مسجدون ۽ امام سان منسوب امام بارگاهون ڊاهي پٽ ڪيو ? نہ قطعي نہ!!!

Read Next

ڀان سيدآباد ۾ شراب ۽ منشيات جو ڪاروبار سرعام بغير لائسن جي شراب وڪرو ٿيڻ لڳو

Most Popular