مايا علي هڪ مرد ۾ ڪهڙيون ٽي خوبيون ڏسڻ چاهي ٿي

لاهور: اداڪاره مايا علي چيو آهي ته هڪ مرد کي خوش گفتار، خوش لباس، ۽ عورت کي عزت ڏيندڙ هجي. يوٽيوب چين کي ڏنل انٽرويو ۾ مايا علي چيو آهي ته مون 12 سال دوائن وسيلي گذاريا، آئون صبح ۽ رات جو 11-11 گوريون کائيندي هيس، مونکي لڳندو هو ته ڪڏهن به ماڻهن جي سامهون نه اچي سنگهديس، پر اسان کي همت ڪرڻي پوي ٿي. مايا علي وڌيڪ چيو ته هڪ مرد ۾ 3 خوبيون هجڻ گهرجن، اهو سٺو ڳالهائيندڙ هجي، اهو عزت ڪندڙ هجي ۽ خوش لباس هجي، ڪيترائي مرد اهڙا هوندا آهن جيڪي هوندا ته خوبصوت آهن پر جڏهن هنن سان ڳالهايو ويندو ته هو پوءِ خبر پوندي ته اهڙي خوبصورتيءَ جو ڇا آچار وڌو ويندو.

Read Previous

دي اڪانومسٽ ڀارتي چهري تان جمهوريت جو مصنوعي نقاب لاهي ڇڏيو

Read Next

لاهور جي ڇوڪريءَ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم مٿان الزام سخت مڙهي ڇڏيا

Most Popular