پاڪستان آءِ سي سي سپر ليگ رينڪنگ ۾ ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو

دبئي : ڀارت کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي آسٽريلوي ٽيم آءِ سي سي سپر ليگ پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي اچي وئي.آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جيتوڻيڪ ڀارت خلاف آخري ون ڊي ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏٺو پر سيريز 1-2 تان کٽڻ سبب ميزبان ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي اچي وئي آهي.هن سال جولاءِ ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ اها 5 ڀيرا ورلڊ چيمپيئن آسٽريلوي ٽيم جي ٻي سيريز هئي، ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز به 1-2 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي.ڀارت خلاف سيريز ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ آسٽريليا جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 4 ڪاميابين سان 40 پوائنٽون ماڻي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ورلڊ چيمپيئن انگلينڊ جي ٽيم 10 پوائنٽن جي فرق سان ٻئي نمبر تي آهي.ان سال آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ زمبابوي خلاف سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪندڙ پاڪستاني ٽيم جو آءِ سي سي سپر ليگ پوائنٽس ٽيبل تي ٽيون نمبر آهي.واضح رهي ته پهريون ڀيرو متعارف ڪرائي ويندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ 13 ٽيمن ۾ مقابلو آهي، پوائنٽس ٽيبل تي موجود شروعاتي 7 ٽيمون 2023 جي ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت شرڪت ڪري سگهنديون، جڏهن ته 6 ٽيمون ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏنديون، جنهن مان ٻن ٽيمن جي چونڊ ٿيندي.ميگا ايونٽ جو ميزبان ڀارت سڌي ريت ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو اهل هوندو.

Read Previous

ريا چڪربورتي وڏين وڏين اداڪارائن کي مات ڏئي ڇڏي

Read Next

نانوائيءَ جي اڳياڙي ڀلي، ڪاسائيءَ جي پڇاڙي ڀلي

Most Popular