سانگهڙ (ڊر) سانگهڙ جي باکوڙو روڊ تي ٻه ڏينهن اڳ عبدالمجيب نظاماڻي تي ٿيل تشدد واري خبرن جو ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي نوٽيس وٺي انڪوائري ٽيم جوڙي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو اهڙي حڪم کان پوءِ عبدالمجيب جي وارثن ۾ سرهائي رابطو ڪرڻ تي سانوڻ خان نظاماڻي ٻڌايو ته ايس ايس پي سانگهڙ اسان سان رابطو ڪيو آهي ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اسان کي ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي جي انڪوائري مان اسان کي اميد آهي ته انصاف ٿيندو