مٽياري : ٻنهي جهانن جي سردار حسنين ڪريمن جي نانا رحمت ﷲ حضرت محمد مصطفي ﷺ جي شان ۾ نعت خوانن محفل کي جهومائي محفل نعت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

مٽياري مٽياري ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حسنين ڪريمن جي نانا رحمت ﷲ حضرت محمد مصطفي ﷺ جي شان ۾ مٽياري جي عاشقان رسول ﷺ فيض محمد خاصخیلي جي رهائشگاه ۾ فيض محمد خاصخيلي ۽ سندس فرزندن ربڏنو خاصخيلي، ماجد علي خاصخيلي پاران محفل نعت رسول مقبول ﷺ جو شاندار اهتمام. مٽياري جي مشهور نعت خوانن محفل کي جهومائي محفل نعت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هر طرف سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا….تفصيل موجب..مٽياري جي موسا محلہ ۾ فيض محمد خاصخيلي ۽ سندس فرزندن رب ڏنو ڏنو خاصخيلي ۽ ماجد علي خاصخيلي پاران سندن رھائشگاھ تي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي شان ۾ عظيم الشان محفل نعت رسول مقبول ﷺ جو احتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مٽياري جي مشهور معروف نعت خوانن عبدالقادر بلالي، حافظ مدثر علي فيضان، صدام منگواڻو نور حسن ۽ ٻين محفل کي جهومائي محفل ميلاد کي چار چنڊ لڳائي حضور ڪريم ﷺ جي بارگاه ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا جڏهن ته مشهور نعت خوانن بهترين حمد، نعت، ۽ پنجتن پاڪ جي شان ۾ منقبت پڙهي خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته محفل ۾ ڪيترن ئي عاشقان رسول ﷺ سميت ٻين ڪيترن ئي شرڪت ڪئي جڏهن ته محفل ۾ صلاوت و سلام کان بعد فيض محمد خاصخيلي ۽ سندس فرزندن ربڏنو خاصخيلي، ماجد علي خاصخيلي پاران لنگر پڻ تقسیم ڪيو ويو

Read Previous

سجاول : پ پ پ ضلعي سجاول جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحيبه جي ورسي بابت هڪ اهم اجلاس ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ پ پ پ ضلع آفيس تي ٿي

Read Next

نوشهرو فيروز : پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076 تعلقه ڀريا جو ڪنوينشن تعلقه اسپتال ۾ منعقد ٿيو

Most Popular