سجاول : پ پ پ ضلعي سجاول جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحيبه جي ورسي بابت هڪ اهم اجلاس ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ پ پ پ ضلع آفيس تي ٿي

سجاول :(ڊر) پ پ پ ضلعي سجاول جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحيبه جي ورسي بابت هڪ اهم اجلاس ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ پ پ پ ضلع آفيس تي ٿيو جنهن ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري، انفرميشن سيڪريٽري سورج سجاولي،، چئني تعلقي صدرن ۽ ذيلي تنظيمن جي ضلعي صدرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي سندس 13 هين ورسي جي موقعي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيندي چيو ته شهيد راڻي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي هن ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي مضبوط دفاع مهيا ڪيو هوء ۾ خوشحالي ۽ روزگار جي علامت هئي سندس جرئت ۽ بهادري تي جتي سلامتي ڪائونسل تعزيتي اجلاس ڪوٺائي سندس عالمگير شخصيت جو تاثر ڏنو اٿي دنيا کيس لوهي عورت جو به خطاب ڏنو، سندس شهادت نه صرف سنڌ پاڪستان، مسلم دنيا پر پوري ڪائنات کي ڏکارو ڪيو ۽ هر مڪتب فڪر جي ماڻهو کيس لڙڪن ۽ سڏڪن سان ياد ڪيو، سندس 13 هين ورسي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿئي پئي جنهن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري لاهو ر ۽ لاڙڪاڻي جو فرق ظاهر ڪندي لاهور کان به وڏو جلسو ڪيو ويندو، اجلاس جي شروعات ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ سيد اعجاز شاھ شيرازي لاء قل پڙهي دعا پڻ ڪئي وئي

Read Previous

واٽس ايپ ويب تي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي آزمائش شروع

Read Next

مٽياري : ٻنهي جهانن جي سردار حسنين ڪريمن جي نانا رحمت ﷲ حضرت محمد مصطفي ﷺ جي شان ۾ نعت خوانن محفل کي جهومائي محفل نعت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

Most Popular