سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
ننڍي ھوندي بادشاھن جون ڪھاڻيون ٻڌندا ھئاسين ۽ انھن ۾ اڪثر دھلي جي ستن ٺڳن جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي، ڪافي ڏند ڪٿاؤن مشھور آھن، پر اڄڪلهه جي دؤر ۾ اھي ٺڳ جديد طريقي جي اوزارن سان ڀريل، اسان کي پنھنجي ماحول ۽ معاشري ۾ اردگرد ملن ٿا، اھا ڪھڙي به فيلڊ ھجي، سياست، وڻج واپار، تعليم، ھيلٿ، ملازمت، صحافت، پيري مريدي ۽ مذھب جي پاڪ نالي سان روز به روز ٺڳڻ جا ٽولا وڌندي ڏسون ٿا، پر ھاڻ ته ٺڳن جا به اتحاد قائم ٿي رھيا آھن، اھا ڳالهه اچرج ۽ حيرت ۾ وجھڻ واري آھي ته ٺڳ به ٺڳن جي ھٿان ٺڳجن ته مزي جي ڳالهه آھي، تازو حاليه جي ڳالهه ڪجهه ڏينھن اڳ ھڪ ٺڳن جي ڳڏجاڻي ٿي ۽ طئي ڪيو ويو ته سڀ فيلڊون اڳي ئي ٺڳجي چڪيون آھن ھاڻي ڇو نه روحانيت جي پاڪيزه فيلڊ کي به پنھنجي مڪروه حرڪتن سان ٺڳجي، اتي ھڪ بي گھر دانھن ڪئي دوستو منھنجي ٻڌو اھو ڪم ته آئون ڪافي عرصي کان ڪندو رھيو آھيان، پنھنجي حوس ۽ حرص کي خوش ڪندو رھيو آھيان، اتي وري ٻي طرفان آواز آيو دوستو مونکي ته منصوبابنديون ڪرڻ جو شرف ڏاڍو آھي ۽ سيوينگ ڪرڻ جو جنون ۽ ھڪ چڱ مڙسي جو به مزو وٺڻو آھي، اتي وري ھڪ آواز آيو دوستو مونکي ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏيڻ جو فن آھي، جتي عوام جو مجموعو ھجي، ائين سڀئي دوست متفق ٿي نئي جديد انداز سان نئي تنظيم ٺاھي کڻي اچڻ جو اعلان ڪيو، اتي ڪجهه يارڙن چيو ته اوھان سڀني جون صلاحون قابل اعتبار آھن ۽ اسان کي به قبول آھن، پر اسان کي ان سيٺ گوبچند جي ڪھاڻي ياد آھي جيڪو ھڪ سٺي سيٺ سان گڏ ڏاڍو ھڏ ڏوکي نيڪ مرد انسان ھو، ھر ڪنھن کي ھر وقت ڏکن سکن ۾ ڪم ايندو رھندو ھو، اتي وري ڪجهه فسادي عناصر پيدا ٿيا جنهن کي ھن شرافت ۽ سچ پچ واريون خوبيون اصل ڪو نه وڻنديون ھنيون، ڇاڪاڻ ته ھنن سڀني جي دوڪان داري کي وڏا خطرا لائيڪ ٿي پيا، اٻوجهه ماڻھن کي به حقيقتون سمجھڻ ۾ اچڻ لڳيون ته ٺڳي ۽ فريب وارن ڪمن ۾ گھٽتائي ٿيڻ لڳي، آخرڪار لاچار ٿي انھن پاڻ کي نيڪ سيرت لباسن ۾ ملبوس ڪري ھنگلاج جي سفر جا ھوڪا ڏيڻ شروع ڪنيون ۽ چوڻ لڳا ته گوبچند کي ڇڏيو اوڏانهن ھلو اصل مالڪن جو درشن ڪريو، پر عوام ويچاري جڏھن اوڏانهن وڃڻ لڳي ته ھنن کي ڪنھن دنياوي ڪم ۾ مشڪل پيش آئي ته دير ڪو نه ڪنيون ھڪدم وڃي گوبچند جي حاضري ڏنو، دوست اسان سان به اوھان ڪٿي ائين نه ڪريو اسان جي يار الله واھي اٿئو، اتي ڪجهه دوستن وري مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ جو سوچيو.