سيد غلام حيدر شاھ قلندري
جڏهن چاپلوسي پنهنجي نون حربن سان ٻر مان نانگ وانگر نڪري زھر جي بوتل کڻي منھن تي مٺاس مومن واري ۽ اندر ۾ ابليس واري صورت ساڻ کڻي معاشري جي ماڻھن کي ڏنگڻ ۽ پنهنجي مفادن ڪاڻ نڪري پوي، ته ڪا حيرت نه کائڻ گھرجي، نه ئي ڪو فڪر ڪرڻ گھرجي، جتي سچ جي سونھن ۽ سيرت ملندي اتي مخالف سمت ۾ ٺڳي ۽ ٺڳن جون صورتون نمايان نظر اينديون، سمجھڻ وارا ويچارا سمجھي به پنهنجي اشرافيت جي ھٿان خاموشيءَ سان تماشا ڏسندا رھندا ۽ افسوس فقط افسوس ڪندا، جڏھن اسان جي معاشري کي ھڏي جي ھوڏ مطلب ظاھريت جي رک رکان، نمونا بازي، ڏيکاءُ اھڙو ته ساڻو ڪري ڪوماڻو بڻائيندو جو شرم وارن جا تي ڪنڌ جھڪندا ئي جھڪندا پر نئي نسل جو به خانو خراب ٿيندو، انھن کي پنهنجي وڏڙن کان خوشامد ورثي ۾ ملندي پوءِ ويچارو حياء شرم مال جي ڌمال تي موڪلاڻي ڪندو ويندو ۽ روئيندي چوندو ويندو ته ھي ھوڏ ھڏي واري شاھ صاحب ڀٽائي به ڳائي آھي ۽ چيو آھي، ھڏي اھائي ھوڏ پر چوپيندڙ چلي ويا، مال واري ڌمال ته ھميشه وڳي آھي ۽ وڄندي رھندي، پر چوپيندڙ چلي ويندا، مطلب سڀئي پيالو پيئندا ويندا پر ھڏو وري به پنھنجي جوڀن سان موجود ھوندو، ڏٺو ويو آھي جڏھن مال جي ڌمال ۾ ٿورڙو فرق نظر ايندو آھي ته نچڻ وارن جي رش ختم ٿيڻ لڳندي آھي، ڇاڪاڻ ته انھن جو نچڻ ان مال جي پويان ھو نه ڪي مال واري سان، بس انسيت يا محبت ھئي جڏھن مال وارو ته ويچارو موجود رھيو پر مال نه باقي رھيو ته پوءِ چاپلوسي ٽولو خالي رخا ٽھڪ ڏيندي وري ڪنھن ٻئي جو ڀر يعني پاسو وٺندا، پوءِ ڀلي اتي اھو ساڳيو مال وارو ڇو نه موجود ھجي اھو به ويچارڙو نعرو ھڻندو وري نئي ھڏي تي واکاڻ ڪندي پنهنجي عافيت سمجھي نڪرڻ جي ڪندو، ڪٿي ھوڏ جي ھل ۾ چپجي نه پوي، بس سمجھو نه ھڏي کي پراڻو ٿيڻو آھي نه ھڏي جي هوڏ، نه ئي مال تي ڌمال بند ٿيندي، فقط دامن کي محفوظ رکڻ ھر ڪنھن جو حق آھي جتي اھڙيون روشون ڏسو بس مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪجي.