واٽس ايپ تي هڪ ڏينهن ۾ ڪالز جو رڪارڊ قائم

لاهور: نئين سال 2021 جي موقعي تي واٽس ايپ ۾ هڪ ڏينهن ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪالز جو رڪارڊ قائم ٿي ويو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪورونا وبا دوران ڪروڙين ماڻهو پنهنجي پيارن سان رابطي جي لاءِ واٽس ايپ جو سهارو ورتو. رپورٽ موجب واٽس ايپ تي نئين سال جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ وائس ۽ وڊيو ڪالز جي شرح ۾ 2019 جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ايپ جي 11 ساله تاريخ جي سڀني کان وڌيڪ ڪالز هڪ ڏينهن ۾ ڪئي وئي.  اهڙي طرح فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي ساڍا 5 ڪروڙ کان وڌيڪ لائيو وڊيوز کي نشر ڪيو ويو. دنيا ۾ واٽس ايپ صارفين جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي. 31 ڊسمبر 2019 تي واٽس ايپ تي نئين سال جي موقعي تي  سڄي دنيا ۾ 100 ارب پيغام موڪليا ويندا هئا پر هن سال ميسجز جا انگ اکر جاري ناهن ڪيا ويا.  2018 ۾ فيس بڪ ڊويلپر ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو هو ته روزاني صارفين هن ايپليڪيشن تي 65 ارب پيغام موڪليندا آهن. جڏهن ته 2 ارب منٽ جي  وائس ۽ وڊيو ڪالز ڪندا آهن. واٽس ايپ کي 2014 ۾ فيس بڪ خريد ڪيو هو ۽ امڪان آهي ته 2021 کان هن ايپليڪيشن ۾ صارفين کي اشتهار ڏيکارڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويندو.

Read Previous

هڏي مٿي ھوڏ، ۽ مال تي ڌمال.

Read Next

اظهرعلي جو نيوزي لينڊ ۾ سينچري ٺاهڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو

Most Popular