واشنگٽن: آمريڪي ايوان ۾ صدرٽرمپ کي سندس عهدي تان برطرف ڪرڻ لاءِ قراداد پيش ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ايوان ۾ ڊيموڪريٽڪس جي نمائندن قراداد پيش ڪئي آهي جنهن ۾ اجلاس جي صدارت ڪندڙ نائب صدر مائيڪ پينس کي گذارش ڪئي وئي آهي ته آمريڪي آئين جي آرٽيڪل 25 تحت اختيارن جو استعمال ڪندي صدرٽرمپ کي عهدي تان برطرف ڪيو وڃي.