پيٽرول جي قيمتن ۾ سورنهن جنوري کان وڌيڪ واڌ جو امڪان

اوگرا پيٽرول جي قيمتن ۾ 11 روپيه 95 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڊيزل جي قيمتن ۾ 9 روپيه 57 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي. اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ياد رهي ته 31 ڊسمبر 2020 تي به پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپيه 31 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 80 پئسا واڌ ڪئي وئي هئي.

Read Previous

پاناما پيپرز ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا جو ڪارو ناڻو ظاهر ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

Read Next

سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ميرخان لغاري جي رهواسي شڪيل احمد لغاري سڪرنڊ ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرايو آهي

Most Popular