پاناما پيپرز ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا جو ڪارو ناڻو ظاهر ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاناما پيپرز ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا جو ڪارو ناڻو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.هي حڪومت جون ڳالهيون نه پر عالمي انڪشاف آهن.  رپورٽ موجب اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن پاڪستان کي لٽيو، ماضي جي اين آر اوز سبب ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو. ڪرپٽ حڪمرانن  پنهنجا گهر ڀريا ۽ پاڪستان جي عوام کي لٽيو. هوڏانهن وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل جو چوڻ آهي ته براڊ شيٽ جو سچ  ڦرمار جي قصن ۾ نئون اضافو ڪيو آهي. درٻارين حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو.

Read Previous

شاهد خاقان عباسي پاران وزيراعظم کي براڊ شيٽ فيصلو عوام آڏو آڻڻ جو چيلنج

Read Next

پيٽرول جي قيمتن ۾ سورنهن جنوري کان وڌيڪ واڌ جو امڪان

Most Popular