اتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي نرگوسا ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جن جي سڃاڻپ عثمان علي ۽ وحيد لشتني جي نالي سان ٿي جڏهن ته فائرنگ دوران هڪ دهشتگرد زخمي به ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.