فواد چوڌري، علي زيدي ۽ عامر لياقت سميت هڪ سئو چونجاهه اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، عامر لياقت ۽ خالد مقبول صديقي سميت 154 اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب مالي گوشوارا جمع نه ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن 154 اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. جن ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي انهن ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ۽ فهميده مرزا به شامل آهن جڏهن ته 3 سينيٽرز مصدق ملڪ، ڪامران مائيڪل ۽ شميم آفريدي جي به رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي

Read Previous

فارن فنڊنگ ڪيس پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو اسڪينڊل آهي: مولانا فضل الرحمان

Read Next

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا

Most Popular