پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد سان ملاقات ٿي آهي.
گهرو وزير وزيراعظم کي اپوزيشن جي احتجاج ۽ امن امان جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ٻئي طرف گهرو وزير شيد رشيد احمد اليڪشن ڪميشن جي آڏو اپوزيشن جي احتجاج جي صورتحال پاڻ مانيٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شيخ رشيد احمد ان بابت چيو ته شهر ۾ امن امان بحال رکڻ جي لاءِ هر شيءَ تي نظر رکي ويندي. ڪيمرن ذريعي اسلام آباد جي اچڻ وڃڻ وارن رستن جي سخت نگراني ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته پرامن احتجاج جي اجازت آهي اميد آهي ته پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج کي پرامن رکندي.