پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي(ن) ليگ ۽ جي يو آءِ(ف) کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پيپلز پارٽي ڪجهه پارٽين جي حمايت حاصل هجڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد هڪ جمهوري آپشن ۽ هڪ جمهوري طريقيڪار آهي. هن چيو ته تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي ڪجهه پارٽيون رابطي ۾ آهن جڏهن ته ڪجهه پارٽين کي خدشا آهن جيڪي گڏ ويهي ختم ڪيا ويندا. هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته حڪومت جي خلاف آئيني آپشن استعمال ڪيا وڃن.