ملائيشيا ۾ جهاز تي قبضو: ملائيشين عدالت پي آءِ اي جو جهاز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ملائيشيا ۾  پي آءِ اي جي جهاز تي قبضي واري معاملي تي پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني سان معاملا طئي ٿي ويا.

قومي ايئر لائن جي ترجمان موجب پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني جي گڏيل رضامندي سان ملائيشيا جي عدالت ۾ ڪيس رد ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ جهاز پي آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته پي آءِ اي جهاز کي مسافر اڏام جي طور تي آپريٽ ڪري واپس وٺي اينداسين ۽ جهاز واپس آڻڻ جي لاءِ عملي کي پاڪستان کان روانو ڪيو پيو وڃي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جهاز جي واپسي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

تحريڪ عدم اعتماد: پيپلز پارٽي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

عظمت سعيد چونڊيل حڪومت کي گهر موڪلڻ واري سازش جو حصو هو: مريم نواز

Most Popular