گذريل ڏينهن وڪيلن طرفان ڪيل هنگامي کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتون بند آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ وڪيلن طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيل ڀڃ ڊاهه جي ٻئي ڏينهن به عدالتي نظام مفلوج آهي. هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي ناهي ٿي رهي. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اندر ۽ ٻاهران سيڪيورٽي سنڀالي ورتي آهي.
ان کان علاوه ريڊ زون ۽ سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڏانهن ايندڙ رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي مُک دروازي تي بڪتربند گاڏي بيهاري وئي آهي.