فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ وارين وضاحتن جي ضرورت ڇو پئجي وئي: فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ واريون وضاحتون ڏيڻ جي ضرورت ڇو پئي.

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جامعه اسلاميه ٺٽه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سياست ۾ نه گهلڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جي باري ۾ اهو تاثر ڇو آهي ته هو سياست ۾ مداخلت ڪندا آهن. اليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪرائيندا آهن ۽ ڌانڌلين جي بنياد تي هڪ ناجائز حڪومت قوم مٿان مڙهي وئي آهي. ان جو جائزو هنن کي پاڻ وٺڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو ان سلسلي کي ڪڏهن ختم ڪندا.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون کان پوءِ سمورن تعليمي ادارن ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون

Read Next

وڪيلن پاران ڪيل ڀڃ ڊاهه کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتون ٻئي ڏينهن به بند

Most Popular