اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون شفاف بنائڻ لاءِ حلفيه بيان وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون شفاف بنائڻ لاءِ حلفيه بيان وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

حلفيه بيان ۾ اميدوار لکت ۾ پئسا نه وٺڻ جو يقين ڏياريندو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اميدوار جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽ بابت رقم ڏني آهي ته اهو اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪندو. اميدوار ووٽ جي خريد ۽ وڪرو جي لاءِ ڪنهن به طرح جي پئسي جو استعمال نه ڪرڻ جو لکت ۾ يقين ڏياريندو. 

اميدوار چونڊ ۾ ڪرپٽ پريڪٽس، آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جو به حلفيه بيان جمع ڪرائيندو. اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار اليڪشن ڪميشڻ کي لکت طور طور تي ضابطه اخلاق تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريندو.

حلفيه بيان تي اميدوار جي صحيح، آڱوٺي جو نشان ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکيو ويندو. اميدوار اوٿ ڪمشنر کان تصديق ٿيل حلفيه بيان جمع ڪرائيندو.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن حليم عادل شيخ جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

اٽلي جو مشهو جبل لاوو اوڳاڇڻ لڳو

Most Popular