اليڪشن ڪميشن حليم عادل شيخ جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست رد ڪري ڇڏي

  اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽  تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي درخواست تحريڪ انصاف جي اميدوار ارم بٽ طرفان پيش ڪئي وئي. آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ان جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست اليڪشن  ڪميشن ۾ ڏني هئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته  حليم عادل کي پروڊڪشن آرڊر تي اليڪشن ڪميشن سنڌ نه آندو ويندو.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته حليم عادل شيخ جي بطور پيش ڪيل تصديق ايس آءِ يو ۾ ئي  ٿيندي ۽ پولنگ آفيسر نديم حيدر حليم عادل شيخ سان ملاقات ڪرڻ ٿاڻي ويندو. واضح رهي ته حليم عادل شيخ کي گذريل ڏينهن ملير ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ چونڊ جي موقعي تي هل هنگامي کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو هو. 

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملو: معاملو ختم ڪرڻو آهي ته حملو ڪندڙ وڪيلن جا نالا ڏيو: عدالت

Read Next

اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون شفاف بنائڻ لاءِ حلفيه بيان وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular