اپوزيشن اتحاد جو اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي.
اجلاس ۾ لانگ مارچ جي تيارين تي به غور ڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ پي ڊي ايم جو اجلاس ٻنپهرن جو 2 وڳي شروع ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ کان پوءِ جي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
پي ڊي ايم جا اڳواڻ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال جو به جائزو وٺندا. اجلاس ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ گڏيل اميدوارن جي نالن جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي. جڏهن ته لانگ مارچ جي تيارين واري حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو.