”پي ايس ايل 6 “ جون رهيل ميچون جون ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٽيمن جي مالڪن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڪورونا وائرس جي ڪيسن سبب ملتوي ٿيل هلندڙ سيزن جون رهيل 20 ميچون جون ۾ ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پي سي ۽ پي ايس ايل فرنچائيز مالڪن جو ورچوئل اجلاس ٿيو جتي مختلف ونڊوز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ مارچ يا اپريل ۾ ميچون ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويو پر فيصلو ٿيو ته ڏکڻ آفريقا دورو شيڊيول موجب ٿيندو 7 جون ۾ دستياب موقعي تي  رهيل ميچز ڪرايون وينديون.

اجلاس ۾ پي ايس ايل 2021ع جون ملتوي ٿيل سموريون ميچون ڪراچي ۾ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيوويو.

پي سي بي جي پڌرائيءَ موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مئي، اپريل ۽ آگسٽ، سيپٽمبر ۾ عالمي مصروفيتن سبب جون جي ونڊو کي ايوينٽ لاءِ سڀ کان بهتر قرار ڏنو ويو.

Read Previous

پي ٽي آءِ کي عثمان بوزدار تي اعتماد، پي ڊي ايم کي مارچ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

ايمن خان پاران ماورا حسين ۽ صبور علي کي وزن وڌائڻ جو مشورو

Most Popular