پي ٽي آءِ کي عثمان بوزدار تي اعتماد، پي ڊي ايم کي مارچ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪور ڪميٽي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪور ڪميٽي پنجاب جي وڏي وزير تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

ذريعن  جو چوڻ آهي ته عثمان بوزدار ئي پنجاب جو وڏو وزير رهندو، پر ڪور ڪميٽي جو اهو به چوڻ هو ته پنجاب ۾ انتظامي بنيادن تي تبديليون ضروري آهن.

اجلاس ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ صادق سنجراڻي ۽ مرزا محمد آفريدي ڪامياب ٿيندا، اسان جي سينيٽرن سان اڃا به رابطا ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته صادق سنجراڻي 3 سال بهترين طريقي سان ايوان هلايو.

Read Previous

اسٽبلشمينٽ اڻ ڌري رهندي ته چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن آئون کٽي ويندس: گيلاني

Read Next

”پي ايس ايل 6 “ جون رهيل ميچون جون ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

Most Popular