عوامي نيشنل پارٽي پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پشاور ۾ اي اين پي جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي سينئر نائب صدر امير حيدر هوتي جي صدارت هيٺ باچا خان مرڪز ۾ ٿيو جنهن ۾ ميان افتخار، ايمل ولي، شاهي سيد، بلوچستان جي صدر اصغر اچڪزئي سينيٽر حاجي هدايت شرڪت ڪئي.
پي ڊي ايم طرفان اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جي معاملي تي غور ڪيو ويو. عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت صلاح مشوري کان پوءِ شوڪاز جي معاملي تي پي ڊي ايم کان ناراضگي جو اظهار ڪندي پي ڊي ايم مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.