وفاقي ڪابينه ۾ ڦير ڦار کي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪابينه ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪندو. جنهن جي لاءِ هن پنهنجي ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينه ۾ اهم ۽ وڏين وزارتن ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو امڪان آهي جنهن تحت ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ وزيرن کي تبديل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب وفاقي وزير فخر امام، شبلي فراز، عمر ايوب ۽ غلام سرور خان جون وزارتون تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي.