نائيجيريا ۾ جيل تي حملي سبب ارڙهن سئو قيدي فرار

Burnt vehicles are seen outside the Nigeria police force Imo state command headquaters after gunmen attacked and set properties ablaze in Imo State, Nigeria April 5, 2021. Picture taken April 5, 2021. David Dosunmu/Handout via REUTERS THIS IMAGE HAS BEEN SUPPLIED BY A THIRD PARTY

نائيجيريا ۾ هٿياربندن جيل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 1800 قيدي فرار ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نائيجيريا جي صوبي ايمو ۾ هٿياربندن جيل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 1822 قيدي فرار ٿي ويا، حملو ڪندڙن مشين گن، راڪيٽ لانچر ۽ گرنيڊ سميت ٻين ڳرن هٿيارن سان ليس هئا جڏهن ته حملي جي نتيجي ۾ پوليس ۽ ملٽري جي ٻين عمارتن کي به شديد نقصان پهتو آهي.

جيل عملدارن موجب فرار قيدين جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به گروپ پاران حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي وئي آهي، نائيجيرين عملدارن چيو آهي ته حملو مقامي گروپ ڪيو آهي جيڪو ان طرح جي ٻين ڪاررواين ۾ به ملوث رهيو آهي

Read Previous

وفاقي ڪابينه ۾ ڦير ڦار ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي، اهم وزارتن ۾ تبديلي جو امڪان

Read Next

قومي ڪرڪيٽر حسن علي ڌيءَ جو پيءُ بڻجي ويو

Most Popular