شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل، لاڳاپيل ادارن کي فيصلي کان اگاهه ڪري ڇڏيو: شيخ رشيد

شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بحري ۽ فضائي ادارن کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

اپوزيشن اڳواڻ جي ٻاهر وڃڻ سان ڪيس متاثر ٿيندو کيس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته  هي سلطاني گواهن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. نوازشريف ئي واپس ناهي  آيو ته سندس ننڍو ڀاءُ وري ڪيئن ايندو. انصاف جي تقاضا آهي ته سمورن جوابدارن سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شهباز شريف جي پرڏيهه وڃڻ سان ڪيس متاثر ٿيندو آهي.

ليگي اڳواڻ کي جيڪڏهن اجازت ڏني وئي ته کيس واپس آڻڻ مشڪل هوندو. شريف خاندان جا 5 ڄڻا مفرور ۽ لنڊن ۾ ويٺل آهن. شهباز شريف نوازشريف کي آڻڻ جي بجاءِ پاڻ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف ضمانت ڏني هئي ته نوازشريف کي واپس آڻينداسين. جنهن ڏينهن عدالت جو فيصلو آيو شهباز شريف ان ڏينهن ٽڪيٽ بڪ ڪرايو. شهباز شريف جي خلاف ڪيس ۾ 4 ڄڻا وعده معاف گواهه بڻجي ويا آهن. اپوزيشن اڳواڻ چاهي ته 15 ڏينهن ۾ درخواست داخل ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

شهباز شريف جو نالو اي سي ۾ شامل ڪرڻ توهين عدالت آهي: مريم اورنگزيب

Read Next

زارا نور جي نصيحت تي مداحن پاران سندس مٿان سخت تنقيد

Most Popular