شهباز شريف جو نالو اي سي ۾ شامل ڪرڻ توهين عدالت آهي: مريم اورنگزيب

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان توهين عدالت جي برابر آهي.

مريم اورنگزيب  شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي اعلان کان پوءِ چيو ته عيد جي موڪلن کان پوءِ ورڪنگ ڊي ۾ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي بجاءِ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو. عمران صاحب کي عيد جي موڪلن ۾ غريبن جي ياد نه آئي، هن عيد جي موڪلن ۾ آفيس کولرائي عوام کي ريليف ڏيڻ جي فڪر نه ٿئي.

وزيراعظم لاءِ سڀني کان وڌيڪ ضروري عدالتي حڪم جي توهين ۽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ هو.  هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سياسي انتقام ۾ انڌو ٿي چڪو آهي ۽ ان کي عيد جي ڏينهن پرڏيهي آفيس کولرائي فلسطين تي قرارداد تيار ڪرائڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي.

Read Previous

پرڏيهي وزير سان فلسطيني سفير جي ملاقات، غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهيون

Read Next

شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل، لاڳاپيل ادارن کي فيصلي کان اگاهه ڪري ڇڏيو: شيخ رشيد

Most Popular