فيس بڪ جي ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ صارفين جي اڪائونٽ کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ جي لاءِ جلد ئي هڪ زبردست فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي.
ٽيڪنالوجي ويب سائٽ ويب بيٽا ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽ موجب واٽس ايپ او ٽي پي(ون ٽائم پاس ورڊ) جي نالي تي ٿيندڙ ڌوڪو ڏيندڙن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي فليش ڪال جو نالو ڏنو ويو آهي.