سنڌ ۾ 18 سالن جي نوجوانن جي لازمي شادي ڪرائڻ جو بل جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 500 روپيه ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
تفصيل موجب سنڌ ۾ 18 سالن جي نوجوانن جي لازمي شادي ڪرائڻ جو بل جمع ڪرايو ويو. ايم پي اي ايم ايم اي سيد عبدالرشيد مذڪوره بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو بل 2 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن کي سنڌ لازمي شادي ايڪٽ 2021 جو نالو ڏنو ويو آهي.
بل ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 500 روپيه ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. بل ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اهو يقيني بنائي ته والدين پنهنجي بالغ ٻارن جي لازمي شادي ڪرائين. جيڪڏهن والدين دير ڪن ٿا ته ڊپٽي ڪمشنر کي لکت ۾ آگاهي ڏيڻي پوندي. ايم پي اي ايم ايم اي سيد عبدالرشيد ان حوالي سان چيو آهي ته معاشري جي فلاح لاءِ مذڪوره قانون تجويز ڪيو ويو آهي