وبا کان اڳ ئي چيني ليبارٽري جا ڪارڪن ڪورونا سان متاثر ٿيڻ جي دعويٰ

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا وبا جي شروعات کان اڳ ئي چيني شهر ووهان جي هڪ ليبارٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون هيون.

رپورٽ ۾ آمريڪي انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولاجي جي ٽن سائنسدانن کي نومبر 2019 ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.

اهڙي رپورٽ سان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو تاثر اڀريو آهي ته ڪورونا وبا حقيقت ۾ هڪ ليبارٽري ۾ ٿيندڙ تجربي ۾ غلطي سبب پکڙي.

هوڏانهن چين اهڙي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم نوٽيس ڦاڙي چڪو آهيان ۽ موقف تي قائم آهيان: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

سنڌ اسميبلي ۾ ارڙنهن ساله نوجوانن جي شادي لازمي ڪرائڻ جو بل جمع

Most Popular