عدالت ليز گهر ڊاهڻ تي ڪاوڙجي پئي، گجر نالا آپريشن جي منع نامي ۾ واڌ

سنڌ هاءِ ڪورٽ اورنگي ۽ گجر نالا آپريشن ۾ ليز گهر ڊاهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن جي حددخلين جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ليز گهر ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو؟ ان تي ڪي ايم سي جي وڪيل ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ رڳو حددخلين جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو.

عدالت ليز گهر ڊاهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ليز گهر ٽوڙڻ جو حڪم ناهي ڏنو ته پوءِ ڇو ٽوڙيا پيا وڃن، ڇا انتظاميا ميڊيا رپورٽن تي نالن ڀرسان گهر ڊاهڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي؟ جيستائين سپريم ڪورٽ مان وضاحت نٿي اچي تيستائين آپريشن نه ڪيو وڃي، ليز گهر حددلين ۾ ناهن ايندا ته ڪنهن قسم جي ڀڃ ڊاهه نه ٿيندي.

Read Previous

عائزا خان مداحن جو مونجهارو ختم ڪري ڇڏيو

Read Next

سڪرنڊ: سَسُ کي ڪھاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

Most Popular