اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي راڄڌاني ۾ پوليس مٿان حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪجهه عرصي کان اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، شهر ۾ پوليس مٿان حملن تي ڳڻتي آهي، رات به هڪ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل شهد ٿيا آهن، اسان جي دور ۾ پوليس شهيدن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسلام آباد کي سيف سٽي بڻائڻ لاءِ 150 موٽر سائيڪل ايگل اسڪواڊ هن ئي هفتي تيار ڪنداسين.

هن ٻڌايو اڄ آئون ٻن ڏينهن جي دوري تي ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان بارڊر مينجمنٽ ڏسڻ پيو وڃان، افغانستان طرفان اوپن بارڊرز  تي فينسنگ لڳي رهي آهي جيڪا ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪئي ٿي ويندي جڏهن ته سال جي آخر تائين افغانستان ۽ ايران بارڊرز تي فينسنگ مڪمل ٿي ويندي.

Read Previous

”رائيونڊ جي وزير اعظم کي ٻاهر موڪلي چيو پيو وڃي ته اين آر او نه ڏيندس“

Read Next

پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جو شيڊيول جاري

Most Popular