”رائيونڊ جي وزير اعظم کي ٻاهر موڪلي چيو پيو وڃي ته اين آر او نه ڏيندس“

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رائيونڊ جي وزير اعظ کي سزا جي باجود ٻاهر موڪليو ويو، هي اُهو نئون پاڪستان آهي جتي اين آر او ناهي ڏنو ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت عوام تي عذاب بڻجي نازل ٿي آهي، ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري پي ٽي آءِ ۾ دور ۾ ٿي، عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو مقابلو ڪري رهيو آهي ۽ وزير اعظم چئي رهيو آهي ته ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي،  هنن جي ڳالهين مان لڳي پيو ته هنن جو عام ماڻهو سان ڪو تعلق ناهي، عمران خان ۽ هن جي ٽي کي عام ماڻهوءَ جو احساس ناهي.

پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن حالتون بهتر آهن ته وزير اعظم عرب ملڪن ۽ آءِ ايم ايف کان خيرات ڇو پيو گهري؟ وزير اعظم ۽ هن جي اي ٽي ايمز لاءِ ته ڏکيو وقت ختم ٿي ويو آهي، سليڪٽڊ وزير اعظم کي احساس ئي ناهي ته عوام ڪهڙي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي. اڄ به وزير اعظم ڪرپشن ۽ مافيا راڄ جهونگاري رهيو هو، هن کي ته 90 ڏينهن اندر ٻاهران پيسا واپس آڻڻو هو، هاڻ چيو پيو وڃي ته اڳتي موقعو ملندو ته پيسا آڻينداسين، هنن ٻه نه پر هڪ پاڪستان پئي چاهيو، پر اسان سڀني جي آڏو ٻٽو نظام پيو هلي، آصف زرداري 3 سال اڳ چيو هو ته نيب ۽ معيشت گڏوگڏ نٿا هلي سگهن.

Read Previous

ڪورنا وائرس: ملڪ ۾83 فوتگيون، ٽن مهينن کان پوءِ مثبت ڪيسن جي سڀ کان گهٽ شرح

Read Next

اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن: شيخ رشيد

Most Popular