سيشن ڪورٽ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت 10 جولاءِ تائين منظور ڪري ورتي.
لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز طرفان درخواست ڪئي وئي ته ايف آءِ اي مالياتي اسڪينڊل ۾ طلب ڪيو آهي، ايف آءِ اي کي مڪمل رڪارڊ فراهم ڪري چڪا آهيون، ايف آءِ اي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري ضمانت منظور ڪئي وڃي.