سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پ پ جا 8 اميدوار چونڊن جي ڊوڙ ۾ آهن، بلاول جي گفتگو مان لڳي ٿو ته کيس پنهنجي پارٽي پوزيشن جي به خبر ناهي.
پ پ چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ به بلاول ۽ مريم مهم هلائي هلائي چريا ٿي ويا هئا، پوءِ انڪشاف ٿيو ته انهن جماعتن جي ٽڪيٽ تي چوٿون حصو اميدوار به چونڊ نه وڙهي رهيا هئا.
هن چيو ته ڪشمير ۾ به پ پ جا 8 اميدوار چونڊن جي ڊوڙ ۾ آهن، بلاول جي گفتگو مان لڳي ٿو ته ان کي پنهنجي پارٽي پوزيشن جي خبر ئي ناهي.