فٽيف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٽيڪنيڪيل فورم آهي يا سياسي فورم؟ پرڏيهي وزير

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهو ٽيڪنيڪل فورم آهي يا سياسي فورم، جيڪڏهن فٽيف ٽيڪنيڪل فورم آهي ته اسان کي وائيٽ لسٽ ۾ هجڻ گهرجي ها.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته فٽيف جي 27 مان 26 نڪتن تي عمل ڪري چڪا آهيون، پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ فنانسنگ خلاف جيڪي قدم کنيا آهن، ان کانپوءِ ڪو جواز ناهي ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکيو وڃي.

هن چيو فٽيف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهو ٽيڪنيڪل فورم آهي يا سياسي فورم آهي؟ جيڪڏهن فٽيف ٽيڪنيڪل فورم آهي ته اسان کي وائيٽ لسٽ ۾ هجڻ گهرجي، ڀارت ان فورم کي سياسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪجهه قوتون سمجهن ٿيون ته پاڪستان تي مسلسل تلوار ٽنگيل هجڻ سان انهن جا مقصد حاصل ٿيندا، اسان ڪنهن جي چوڻ تي نه پر پنهنجي قومي ضرورت تحت اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ پاڪستان جلد ئي گري لسٽ مان نڪري ويندو.

Read Previous

روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي: وزيراعظم

Read Next

گلگت چونڊن: بلاول ۽ مريم مهم هلائي هلائي چريا ٿي ويا هئا: فواد

Most Popular