پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ تي وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول پيٽروليم شين ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت ٻيهر پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول بم جو سهارو ورتو، پاڪستان وڌيڪ مهانگائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي .
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته وزير اعظم فقط ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ سياسي انتقام کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڄاڻي، سليڪٽڊ حڪومت جي نااهلي ملڪ جي اڳتي وڌڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، وفاقي حڪومت کي غريب عوام جي ڏکيائين جو خيال ناهي، هڪ مهيني ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا ليٽر واڌ ڪئي وئي.