شهباز شريف ماضي کي وساري اچي، ڳالهين جا دروازا کليل آهن: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف ماضي کي وساري اچي، ڳالهين جي لاءِ دروازا کليل آهن ۽ جيڪڏهن هو ماضي کي وساري ڳالهائڻ چاهي ٿو ته الڪيٽرانڪ مشين سان بسم الله ڪري.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جيڪيس تي افغان ٽيم جو گهرو وزارت سان رابطو آهي، افغان ٽيم چاهي ته 7 ماڻهن جا انٽرويوز به وٺي سگهي ٿي جڏهن ته آءِ جي کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي جاچ رپورٽ افغان ٽيم کي ڏئي، ضرورت ٿي ته ٽيڪسي ڊرائيور سميت 11 ڄڻن کان انٽرويوز به وٺي سگهجن ٿا.

هن چيو ته ملڪ ۾ بنا ويزا جي هزارين ماڻهو لڪيل آهن، اِهي ماڻهو هڪ مهيني ۾ آن لائن ويزا اپلاءِ ڪن يا ملڪ ڇڏي وڃن.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته چائنيز جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا فول پروف بندوبست آهن جڏهن ته داسو ڊيم تي جاچ اڳتي ڌي آهي ، اڃا ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

Read Previous

”حڪومت پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ٻيهر پيٽرول بم ڪيرايو“

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 فوتگيون، 4858 نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular